صوبدار خان ٽالپر جي قبر

صوبدار خان ٽالپر جي قبر

صوبدار خان ٽالپر جي قبر

صوبدار خان ٽالپر جي قبر: سنڌ جي حڪمران ٽالپر گهراڻي جو قبرستان ’ميرن جا قبا‘ جي نالي سان هيرآباد حيدرآباد شهر ۾ موجود آهي. انهي قبرستان ۾ هڪ قبر مير صوبدار خان جي آهي، جيڪو مير محمد بخش خان جو پٽ ۽ هزهائينس مير نور محمد خان جو پوٽو هو. اهو اتر واري ميڙ وارين قبرن ۾ آهي. سندس قبر مير محمد خان ٽالپور واري مقبري جي اندر آهي. انهيءَ مقبري کي دروازو ٺهيل آهي. قبر سفيد سنگ مرمر جي پٿر مان ٺهيل آهي، جنهن کي چوڌاري ڪٽهڙو ڏنل آهي. هڪ ٿلهي تي قبر آهي. ڪٽهڙي کي ڄاريون، جنڊا ڏنل آهن. قبر جي پاسن کان قراني آيتون ۽ ڪلما اُڪريل آهن. خان ٽالپر جي قبر'>صوبدار خان ٽالپر جي قبر تي هي اکر اڪريل آهن:“حسرت آيات صاحبزاده نوجوان خلد آشيان، مير صوبدار خان تاريخ هشتم ماه ربيع الاول روز شنبه س 1350هه”


لفظ صوبدار خان ٽالپر جي قبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو